اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو فائدو قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ ۾ آهي، طاقتور ۽ ڪمزور جي لاءِ هڪ قانون هجڻ گهرجي، مخالف ڌر جو مفاد پاڪستان جي مفاد جي خلاف آهي، عمران خان ڪڏهن به انهن ڦورن کي معاف نه ??ند??، ا??له جو شڪر آهي ته جيڪڏهن ??هي ماڻهو آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي چيف جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن ته انهن جي چونڊ ڪرڻ وارو منهنجو فيصلو بلڪل ٺيڪ هو، ڦورو هنن جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن ته ان جو مطلب آهي ته هي بلڪل ٺيڪ ماڻهو آهن، ا??ندڙ ڏينهن ۾ ڏسنداسين ته ڪنهن جون ٽنگون ڏڪن ٿيون ۽ ڪنهن جي مٿي تي پگهر اچي ٿو، اسان جي سيڪيورٽي فورسز گذريل 15، 20 سالن ۾ دهشتگردي جو ڪاميابي ۽ جرئت سان مقابلو ڪيو ۽ ملڪ کي محفوظ بڻايو، ا?? جي ڪري پاڪستان جو اهُو حال نه آهي جيڪو باقي مسلمان ملڪن جو ٿيو، اسان جي انٽيليجنس ايجنسين انتش??ر پکيڙڻ جي ڀارتي ڪوششن ۽ منصوبن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. گلگت ۾ گلگت بلتستان جي آزادي پريڊ کي خطاب ??ند?? وزيراعظم عمران خان چيو ته هو قوم کي ٻڌائڻ چ??هي ٿو ته هڪ مضبوط فوج پاڪستان جي لاءِ ڪيتري ضروري آهي، ليبيا کان وٺي صوماليه، يمن ۽ افغانستان ۾ تب??هي متل آهي، ا??هن ملڪن ۾ جنگيون ٿي چڪيون آهن يا ٿي رهيون آهن، ا??هن ملڪن جي عوام مشڪل ۾ آهي ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي.