اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي سببن ۽ اثرن تي ضابطو آڻڻ ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو ته اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي شديد خطرا لاڳو ??ين??ا. اهو ئي وقت آهي ته دنيا اڳتي اچي ۽ گڏجي ان چئلينج جو مقابلو ڪري. موسمياتي تبديلي بابت چوٿين سالياني آسٽرين ??رلڊ سمٽ جي مناسبت سان پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ کان 20 سال اڳ موسمياتي تبديلي جي معاملي کي سنجيده نه ورتو ويندو هو پر اڄ دنيا ان کي هڪ حقيقت سمجهندي آهي، هن چيو ته گرمي پد ۾ غير معمولي اضافو، گليشيئرز جي پگهرجڻ جي رفتار ۾ ت??زي، ٻيلن ۾ آتشزدگي ۽ سامونڊي طوفان معمول جا واقعا بڻجندا پيا وڃن. انهن ??التن ۾ جيڪڏهن ??المي بر??در?? موسمياتي تبديلين جي مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ته اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي شديد خطرا لاحق ??ين??ا.