اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وار?? وفاقي وزير فواد حسين چوڌري چيو آهي ته صحافت جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ ضرورت آهي، سمورن صوبائي اسيمبلين کي يوٽيوب چئلنز شروع ڪرڻ گهرجن، پرنٽ ميڊيا کي ڪ??ترائي چئلينج درپيش آهن، عوام جي خوشحالي لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ضروري آهي، نيب حڪومت جي انتظام هيٺ ناهي، پنجاب حڪومت نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جي جاچ ڪندي، اطلاعات واري وزارت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي ڏ??ي خوشي ٿي، ميڊيا ٽريننگ ورڪشاپ ۽ ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيند?? وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي ڏ??ي خوشي ٿي،جن ستن نڪتن تي مون ڪم ڪيو هو هاڻي به اهي هلي رهيا آهن، هن تجويز پيش ڪئي ته صوبائي اسيمبلين کي يوٽيوب چئنلز شروع ڪرڻ گهرجن، عوام اسيمبلين جي ڪارروائي ۽ قانونسازن جي ڪارڪردگي ڏ??ي سگهندي، هن چيو ته اسان جمهوريت سان فاشزم جو رستو روڪڻو آهي ته ان ۾ صحافين جو ڪ??دار اهم آهي.