اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا حڪومت جي موثر حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا وائرس جي مجموعي ڪيسن ۽ فوتگين جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اها عيدالاضحيٰ ۽ محرم الحرام تي بچاءُ جي ايس او پيز ۽ گائيڊ لائينز تي سئو سيڪڙو عملدرآمد يقيني بڻائين، وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو ته 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن جي ڀرپور مذمت ڪئي ويندي، وزيراعظم ??مران خان ڪشمير جو دورو ڪندو ۽ سينيٽ جو به خصوصي اجلاس گهرايو ويندو، وفاقي ڪابينا گذريل مهيني پيٽرول جي کوٽ تي جاچ جي لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ملڪ ۾ ڪڻڪ، اٽي ۽ کنڊ جي کوٽ نه آهي، ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ ضلعي انتظاميا کي هدايتون ڏنيون ويون آهن، يورو فائيو پيٽرول جي فراهمي ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندي، ڪراچي ۾ برساتن کانپوءِ سيوريج جو نظام مڪمل طور تي فيل ٿي چڪو آهي، ڪراچي جي صورتحال ڏسي اه?? لڳي ٿو ته اتي ڪنهن جي به حڪومت نه آهي، وزيراعظم ??مران خان صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگ??ار?? ۽ رهتن جي فراهمي نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم ??مران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏين??ي ٻڌايو ته پيپلزپارٽي ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ترقي لاءِ ڪو به ڪم ناهي ڪيو، وفاقي حڪومت ڪراچي جي عوام کي سنڌ حڪومت جي رحم ڪرم تي نه ٿي ڇڏي سگهي، ڪراچي ۾ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي ڪراچي جي ماڻهن سان رابطي ۾ رهن ۽ نيڪاسي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وفاق انهن کان تجويزون گهريون آهن.