اسلام آباد – 10 جو??اء?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي جي ترقي ??اء?? مراعتن ۽ سهولتن جو اعلان ڪندي نئين پاڪستان هائوسنگ پراجيڪٽ ??اء?? 30 ارب روپين جي سبسڊي مختص ڪري ڇڏي آهي، پهرين هڪ لک گهرن جي تعمير تي في گهر 3 لک روپيا سبسڊي ڏني ويندي، قرض جي صورت ۾ مارڪ اپ جي شرح پنج مرلي جي گهر جي ??اء?? 5 سيڪڙو ۽ 10 مرلي جي گهرن جي ??اء?? 7 سيڪڙو هوندي، اين او سي ۽ ٻين سهولتن جي ??اء?? صوبن سان گڏجي ون ونڊو آپريشن جو آغاز ڪيو ويو آهي، سستن گهرن جي تعمير تي ٽيڪسن ۾ گه??تائي ڪئي وئي آهي، گهر ج?? خريداري تي آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا، سمورا ماڻهو 31 ڊسمبر تائين حاصل سهولتن مان هر ممڪن فائدو کڻن، هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي کي ترقي ڏيڻ سان ملڪي معيشت کي استحڪام ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي پهرين اجلاس کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون ۽ مشڪلاتون هيون جنهن کي ختم ڪرڻ جي ??اء?? قومي رابطا ڪميٽي جوڙي وئي. هن چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جا مقصد حاصل ڪرڻ جي ??اء?? مختلف رخن ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي، گهرن جي ??اء?? قرضن جي سهولت بابت قانون نه هو جنهن تي ڪم جاري آهي، صوبن سان گڏجي تعميرات جي صف بابت رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، هن چيو ته هائوسنگ ۽ تعمرات جي شعبي جي ترقي سان جتي عام م??ڻهن کي پنهنجو گهر بڻائڻ جي سهولت حاصل ٿيندي، اتي روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ تعميراتي صنعتن جو ڦيٿو هلڻ سان ملڪي معيشت کي ب?? استحڪام ملندو.