رياض- 16 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب ??نش??ات جي خاتمي لاءِ ٻه طرفي معاونت تحت وڌيڪ مؤثر قدمن تي اتفاق ڪيو آهي. سعودي عرب پاڪستان کي ??نش??ات ??و سراغ لڳائڻ لاءِ جديد اوزارن جي حوا??ي سان تعاون جي آڇ ڪري ڇڏي. سعودي عرب جي دؤري دوران وفاقي وزير سعودي عرب جي اينٽي نارڪوٽڪس هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو ڪيو، جتي ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس ميجر جنرل محمد القرني گهرو وزير جو استقبال ڪيو. گهرو معاملن واري وفاقي جي سعودي ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ??نش??ات جي خاتمي جي حوا??ي سان گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير اينٽي نارڪوٽڪس هيڊ ڪوارٽر جي ڪنٽرول روم جو مشاهدو ڪيو. محسن نقوي هيڊ ڪوارٽر جا مختلف شعبا ڏٺا ۽ سعودي عملدارن ??نش??ات جي خاتمي جي سلسلي ۾ کيس بريفنگ ڏني. گهرو وزير سعودي عرب جي اينٽي نارڪوٽڪس جي ڊي جي کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. گهرو وزير جو چوڻ هو ته ??نش??ات جي لعنت کي ڪوبه ملڪ اڪيلو مُنهن نٿو ڏئي سگهي. هي عالمي گڏيل چئلينج بڻجي چڪو آهي. پاڪستان سعودي عرب سان اينٽي نارڪوٽڪس جي حوا??ي سان تعاون جاري رکندو. نئين نسل کي نشي کان محفوظ ماحول ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي جامع قدمن جي ضرورت آهي. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته سعودي اينٽي نارڪوٽڪس پاڪستان جي اداري اي اين ايف سان رابطي ۾ آهي. اين ايف سان مستقل بنيادن تي معلوماتي مٽاسٽا هوندي آهي. سعودي عرب جي انفارميشن تي ويجهڙ ۾ پاڪستان مان 2 ??نش??ات ??ا ملزم پڪڙيا ويا.