GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

عمران خان جو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ساراهه جوڳو آهي: ذبيح الله مجاهد

image

اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) افغان عبوري حڪومت جي اطلاعات واري معاون وزير ذبيح الله مجاهد وزيراعظم عمران خان جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان عالمي برادري کان افغانستان سان بهتر رابطا قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي جنهن تي اسان سندس ٿورائتا آهيون، افغانستان پوري دنيا سان سٺن لاڳاپن جو خواهشمند آهي، افغانستان کي واپاري ۽ اقتصادي معاملن سميت سمورن شعبن ۾ پاڙيسري ملڪن جي مدد جي ضرورت آهي، ملڪ جا ادارا فعال ٿي چڪا آهن، ڪوشش آهي ته مالياتي نظام ۾ شفافيت آڻيون، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلم بند ڪرائي، ڪشمير، ميانمار ۽ فلسطيني ڀائرن جي سياسي ۽ سفارتي حمايت ڪنداسين، پاڪستان جو امن اسان جي لاءِ به اهم آهي، پاڪستان ۽ افغان عوام جي وچ ۾ رابطا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن، اسان پاڪستان سميت ڪنهن به ملڪ جي خلاف افغانستان جي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت هرگز نه ڏينداسين. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪيترن ئي ملڪن آمريڪا ۽ عالمي برادري آڏو اسان جي حق ۾ آواز اٿاريو آهي، 6 ڏينهن اڳ چين ۽ روس به اسان جي حڪومت جي حق ۾ ڳالهه ڪئي، قطر، ازبڪستان ۽ ڪجهه ٻين ملڪن به مثبت موقف اختيار ڪيو، پاڪستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي ان جو موقف به ساراهه جوڳو آهي، پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها افغانستان سان سٺا رابطا قائم ڪري، اسان ان موقف تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، افغانستان سان عالمي برادري جا رابطا ضروري آهن. ذبيح الله مجاهد چيو ته افغانستان جا پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا به انتهائي اهم آهن، افغانستان کي واپار ۽ اقتصادي معاملن سميت سمورن شعبن ۾ پاڙيسري ملڪن جي ضرورت آهي، اسان کي اميد آهي ته پاڙيسري ملڪ عالمي سطح تي افغانستان بابت پنهنجو مثبت ڪردار جاري رکندا. هن چيو ته پنجشير ۾ ويڙهه ختم ٿي چڪي آهي، ڪيترائي مقامي اڳواڻ، عالم سڳورا ۽ مجاهدين اسان سان گڏ آهن، اسان ڪنهن سان جنگ نه ٿا چاهيون، جيڪڏهن ڪير گروهي ويڙهه جي خواهش رکي ٿو يا اهو حملي جي ڪوشش ڪري ٿو ته سخت جواب ڏنو ويندو، ملڪ ۾ امن هجي ته افغان هڪ ٻئي سان محبت ڪندڙ ماڻهو آهن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته افغان قوم ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪري، اسان چاهيون ٿا ته هاڻي تعميري ڪم ٿين، رستا ۽ پليون ٺهن ۽ ماڻهن جي لاءِ گهر ٺاهيون، ملڪي ادارا فعال ٿي چڪا آهن ڪوشش آهي ته مالياتي نظام ۾ شفافيت آڻيون. ذبيح الله مجاهد چيو ته افغانستان ۾ امن کانپوءِ اسان جي ترجيح آهي ته واپار کي فروغ ملي، ازبڪستان کان بلخ افغانستان تائين ٽرين جي پٽڙي وڇائي وئي آهي، افغانستان کي پشاور ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن سان ڳنڍيو ويندو، سي پيڪ منصوبو به اهم آهي ان ۾ ٿوري تحقيق جي ضرورت آهي، چاهيون ٿا ته ان منصوبي ۾ شامل ٿيون، پوري ايشيا کي ڳنڍيندڙ هڪ رستي جي تعمير خوش آئنده آهي. هن چيو ته اسان پوري دنيا سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، پاڪستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ افغانين جو ٻيو گهر آهي، لکين افغان پناهگير اڃا به پاڪستان ۾ رهائش پذير آهن، پاڪستان سان اسان جون ڪيتريون ئي شيون گڏيل آهن، اسان جي زبان، مذهب گڏيل آهي ۽ رسم رواج هڪ جهڙا آهن، اسان جي سرحد گڏيل آهي، اسان پاڪستان سان ويجهن ۽ بهتر لاڳاپن جي خواهش رکون ٿا، پاڪستان جي دوري جي دعوت ملي ته اسان جي قيادت ان حوالي سان غور ڪندي. هن چيو ته اسان پاڙيسري ملڪن جي جهندي ۽ حريت جو احترام ڪريون ٿا، اميد آهي ته اهي به اسان جي جهنڊي ۽ خودمختياري جو احترام ڪندا، انفرادي طور تي ڪو شخص غلطي ڪري سگهي ٿو ان سان لاڳاپا خراب نه ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن ڪنهن کان انفرادي غلطي ٿئي يا ڪير پروپئگنڊه جو شڪار ٿي غلطي ڪري ته اهو ملڪ جي نمائندگي ناهي ڪري رهيو هوندو، طورخم ۾ پاڪستاني جهنڊي جي بي حرمتي جو واقعو افسوسناڪ هو اسان کي واقعي تي ڏک ٿيو، گستاخانا قدم ۾ ٽي چار ماڻهو ملوث هئا جيڪي گرفتار ٿي چڪا آهن، جيڪو به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ڪارروائي ٿيندي، پاڪستان حڪومت ۽ عوام ان انفرادي واقعي تي افغان حڪومت تي الزام نه هڻندي. ذبيح الله مجاهد چيو ته پاڪستان، روس، چين، ازبڪستان، گڏيل قومن ۽ ٻين ملڪن جا نمائندا به افغانستان جا دورا ڪري چڪا آهن، چاهيون ٿا ته افغان حڪومت جا نمائندا به مختلف ملڪن جو دورو ڪن. هن چيو ته ڪشميري اسان جا مسلمان ڀائر آهن، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلم بند ڪرائي، ڪشمير، ميانمار ۽ فلسطيني ڀائرن جي سياسي ۽ سفارتي حمايت ڪنداسين.

مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena
متعلقہ مضامین
مزید خبریں