اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپني کي بيواهه کي 3 لک جو انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اسٽيٽ لائيف انشورنس جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني بيواهه کي لائيف انشورنس ڪليم جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. اسٽيٽ لائيف موقف اختيار ڪيو ??ه فوتي جي ??وت رستي حادثي سان سڌوسنئون نه پر مرگهي جي ڪري ٿي. صدر اسٽيٽ لائيف جو موقف رد ڪري ڇڏيو ۽ وفاقي محتسب جا حڪم برقرار رکندي چيو ??ه اسٽيٽ لائيف مناسب قاعدا ضابطا اختيار ڪئ?? ۽ بدانتظامي کي روڪي. صدر چيو ??ه ڪو ثبوت پيش نه ڪيو ويو ??ه فوتي جو موت مرگهي سان سڌوسنئون ٿيو، محتسب بجا طور تي فيصلو ڪيو ??ه رڳو پوليس روزنامچي تي دارومدار ڪيو ويو. صدر چيو ??ه اسٽيٽ لائيف جي ??يلڊ آفيسر جي رپورٽ ۾ فوتي پاليسي هولڊر کي صحتمند قرار ڏنو ويو، رپورٽ ۾ واضح طور تي لکيو ويو ??هي ته آفيسر فوتي پاليسي هولڊر کي گذريل ٻن سالن کان سڃاڻيندو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه جيئن ته بدانتظامي ثابت ٿي ان لاءِ اسٽيٽ لائيف 30 ڏينهن ۾ شڪايت ڪندڙ کي ڪليم ادا ڪري. واضح رهي ته ريحانه بي بي (شڪايت ڪندڙ) جي ??وتي مڙس اڪرم مسيح 20 سالن جي ??اءِ 3 لک رپين جي ??ائيف انشورنس پاليسي حاصل ڪئ??، اڪرم مسيح جو موت رستي حادثي ۾ ٿيو، موت کانپوءِ زال انشورنس جي دعويٰ ڪئ??. عورت وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو ??نهن ان ??ي حق ۾ حڪم جاري ڪيو. اسٽيٽ لائيف محتسب ??ي حڪم جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئ?? جڏهن ته صدر حقيقتن کي نظر ۾ رکندي اسٽيٽ لائيف انشورنس جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو ??هي.