اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلامي ملڪن جي يونيورسٽين جي وچ ۾ تحقيق جي فروغ ۽ ثقافتي ۽ تعليمي ادارن جي مدد جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ت?? پاڻي وسيلن جي انتظام، ماحوليات سان لاڳاپيل مسئلن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تعاون تي ڌيان وڌايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي ت??ظيم ??ي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر سليم ??يم ??لملڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ پنهنجي وفد جي ميمبرن سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي ت?? پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد ۽ صدر جو سيڪريٽري وقار احمد پڻ موجود هئا. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر سليم ??يم ??لملڪ کي اسلامي ملڪن جي وچ ۾ تعليم ۽ تحقيق جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ??يڻ جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ قائداعظم يونيورستي پاران پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري عطا ڪئي. ان موقعي ت?? خطاب ڪندي صدر 21 هين صدي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالم اسلام پاران سائبر سيڪيورٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن چيو ته يونيورسٽين کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي رفتار کي ت??ز ڪرڻ جي لاءِ انساني وسيلن کي ت??ار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن آن لائين تعليم کي فروغ ??يڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪا گهٽ لاڳت هجڻ سان گڏوگڏ شاگردن جي لاءِ پهچ جوڳي به آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي اهي ت?? اسلامي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي ت??ظيم، تعليم، سائنس ۽ ثقافتج ي شعبن ۾ اسلامي دنيا جي وچ ۾ تعاون ۽ حصيداري کي فروغ ??يڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اهو موجوده دور جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ وڌيڪ ٺوس اسلامي ڪميونٽي جي تعمير جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.