لاهور – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جي باني ميمبر حبيب الرحمان عرف ماني پهلوان جي تعزيت لاءِ لاهور جي علائقي ڳڙهي شاهو سن??س گهر پهتو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مرحوم ماني پهلوان جي ڌيئرن ۽ پٽن عمران ڊار، ڪامران ڊار ۽ عامر ڊار سان سندن والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. هن مرحوم ماني پهلوان جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي مرحوم جي پٽن سان ڳالهائيندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مرحوم ماني پهلوان جمهوريت جي بقاءَ ۽ استحڪام جي لاءِ قيد جون صعوبتون برداشت ڪيون ۽ تشدد کي منهن ڏنو، ماني پهلوان هڪ مثالي سياسي ڪارڪن هو، سن??س ڀٽوازم سان وابستگي وسا??ڻ جوڳي ن?? هئي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جيالي ماني پهلوان جي قربانين ۽ سياسي خدمتن کي سدائين ياد رکندي.