اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته سموري پنجاب مان پارٽي نوجوان اڳواڻن جو اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن 180 ايڇ ماڊل ٽائون لاهور ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن جي صدارت پار??ي جي سينيئ?? نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز ڪندي. پنهنجي پيغام ۾ مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته اجلاس ۾ يوٿ جي تنظيمي ڍانچي جو جائزو ورتو ويندو. نوجوانن جي ترقي، روزگار ۽ ڪاروبار بابت تجويزن سميت نوجوانن جي سوشل ميڊيا جي حوالي سان ڪردار ۽ پارٽي سطح تي ڪارڪردگي تي غور ٿيندو. هن چيو ته مريم نواز پار??ي جي يوٿ ڊيول??مي??ٽ پاليسي تي خيالن جو اظهار ڪندي. تنظيمي اجلاس ۾ يوٿ چارٽر جي تياري تي تجويزون ورتيون وينديون ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي مشاورت ٿيندي.