اسلام آباد-25 جنوري (اي پي پي) پاڪستان جي قومي سلامتي جي ??دارن جي وڏي ڪاميابي، انڊيا جي هڪ ٻئي فالس فليگ آپريشن جو منصوبو ظاهر ڪيو ويو، ڀارتي يومِ جمهوريه جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ مبينه درانداز?? جو ڊرامو لائن آف ڪنٽرول جي پونچ سيڪٽر ۾ پلان ڪيو ويو، پاڪستان انٽيليجنس ادارن ڀارتي منصوبي جي ٽن اهم ڪردارن جو پڻ پتو لڳائي ورتو، انڊيا جي 93 انفينٽري برگي?? جو ايجنٽ بشر ۽ ٻه ساٿي عالم، اسلم فالس فليگ آپريشن جا مرڪزي ڪردار آهن. ڀروس?? جوڳن ذريعن م??ابق پاڪستان جي ??نٽيليجنس ادارن جي وڏي ڪاميابي، مودي سرڪار جي نئين ڊرام?? جو پورو اسڪرپٽ حاصل ڪري ورتو. ڀارتي يومِ جمهوريه جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ مبينه درانداز?? جو ڊرامو تيار ڪيو ويو آهي. منصوبي تحت بشير ڪجهه مقامي ماڻهن کي استعمال ڪري جشڪوال، آزاد ڪشمير سائيڊ کان بم يا آءِ ڊيز لڳائي والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي. ڪنهن م??جد جي ويجهو ان ڪارروائيءَ کي ناڪام بڻائي ڏيکاريو ويندو. منصوبي تح?? ڀارتي فوج ۽ پوليس جعلي برآمدگي پڻ ظاهر ڪندي. ڊي ايس پي پريشنا ان فالس فليگ آپريشن کي سپروائيز ڪري رهيو آهي، منصوبي ۾ 93 برگيڊ جي ڊوگر ارجمنٽ جي ??ٿن کي گهات لڳائي جعلي ريڪوري ڏيکارڻي آهي. فالس فليگ آپريشن جو مقصد والاريل ڪشمير ۾ دراندازيءَ جو الزام لڳائي دنيا ۾ پروپيگنڊا ڪرڻ آهي، پاڪستاني انٽيليجنس ادارن سڄو منصوبو اڳواٽ بي نقاب ڪري مودي سرڪار کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.