جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پا??ستان ۾ ٻوڏ سان تباهين جو ڪاٿو تمام وڏو آهي، ٻوڏ جي 5 مهينن کانپوءِ به ڪيترائي علائقا پا??ي ۾ ٻڏل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جنيوا ۾ انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ريزيلئينٽ پا??ستان جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان جو گهڻو علائقو اڃا تائين ٻوڏ جي پا??ي ۾ ٻڏل آهي. ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک م??ڻه?? متا??ر ٿيا، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ قدم اڃا جاري آهن. هن چيو ته پا??ستان م هر 7 مان هڪ شخص ٻوڏ کان متا??ر ٿيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري عالمي ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چوندي چيو ته مشڪل وقت ۾ پا??ستان جي مدد ڪندڙ ملڪن جا ٿڳورا مڃان ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ عالمي دنيا پا??ستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏ ٿي آهي، آئنده قدرتي آفتن کان بچڻ جي لاءِ پا??ستان هڪ فريم ورڪ ٺاهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومون جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس جنيوا ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب ۾ پا??ستان ۾ ماحولياتي تبديلي سان ٿيندڙ تباهي کانپوءِ ملڪ جي نئين سر تعمير جي حوالي سان ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس کانسواءِ پا??ستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس پڻ عاليم ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪيو.