اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بل??ڪن سان پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿ??ند?? تباهي ۽ متاثر علائقن جي بحالي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن گذريل ڏينهن ٿ??ند?? ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بيان موجب ٻنهي طرفن ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ وسيع البنياد ايجنڊا تي عمل پيرا ٿيڻ جي گڏيل خواهشن کي ورجايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ بوڏ کانپوءِ 97 ملين ڊالر جي انساني امداد فراهم ڪرڻ تي آمريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بل??ڪن کي پاڪستان پاران بحالي ۽ متاثر علائقن ۾ ن??ين سر تعمير جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن آمريڪي پرڏيهي وزير کي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ پاڪستان جي بحالي ۽ ن??ين سر تعمير جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ منعقد ٿ??ند?? عالمي ڪانفرنس بابت پڻ آگاهه ڪيو. آمريڪي پرڏيهي وزير ان موقعي تي پاڪستان کي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ ن??ين سر تعمير جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪي انتظاميا جي مسلسل حمايت کي ورجايو.