اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي ??ي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ٽيليويزن، فلم ۽ ٿيٽر جي ناليواري اداڪ??ر افضال احمد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته پاڪستان ٽيليويزن، فلم ۽ ٿيٽر جي حوالي سان سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم چيو ته مضبوط ڊائيل??گ ڊيليوري افضال احمد جي اداڪاري جي سُڃاڻپ هُئي، ليجنڊ اداڪار ناظرين جي ذهنن ۾ اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن. وزيراعظم مرحوم افضال احمد جي درجن جي بلندي ??اءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو.