اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سومر ڏينهن وڏي آبادگار پئڪي?? جو اعلان ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زراعت ۽ آبادگارن جي ر??زگ??ر جي بحالي لاءِ خصوصي پئڪيج تيار ڪرايو. وزيراعظم جي هدايت تي فوڊ سيڪيورٽي ۽ ناڻي واري وزارت جي مشاورت سان آبادگار پئڪيج تيار ڪيو ويو. آبادگارن جي لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي مفت فراهمي جو وڏو پروگرام به شروع ڪرڻ جو اعلان ٿيندو. ڀاڻ (ڊي اي پي) جي قيمت ۾ گهٽتائي ۽ يوريا جي وڏي مقدار ۾ ملڪ ۾ دستيابي جي قدمن جو اعلان به پئڪيج ۾ شامل آهي. ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي سان هلائڻ جي وڏي پروگرام جي شروعات، بجلي جي ب??ن ۾ قسطون به پئڪي?? جو حصو آهن.