اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي حڪ??مت پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي اضافي 30 ملين ڊالر جي اع??ان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته دنيا کي ٻوڏ سان پ??دا ٿيندڙ الميي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي امداد جي اپيل ۾ حصو وجهڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڌيڪ 30 ملين ڊالر جي انساني امداد جي اع??ان تي آمريڪي حڪ??مت جا ٿورا??تا آهيون. هن چيو ته سرديءَ جي موسم شروع ٿيڻ سان ئي خوراڪ، صحت ۽ رهائش جا چئلينج درپيش آهن. ٻوڏ سان پ??دا ٿيندڙ الميي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ دنيا کي فوري طور تي گڏيل قومن جي امداد جي اپيل ۾ حصو وجهڻ گهرجي.