اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پيرس ۾ ??را??س پاڪس??ان بزنس ڪائونسل جي صدر ٿيري فليمن ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ويوا ٽيڪ ??را??ڪوس بيتوزيٽ سان ملاقات ڪئي ۽ پيرس اسڪول آف انٽرنيشنل افيئرز، سائنسز، پويو يونيورسٽي ۾ خطاب ڪيو. هن ايسوس??ئي??ن آف گرينڊ ايڪولس ۽ ڪئمپس ??را??س جي هڪ وفد سان به ملاقات ڪئي. پيرس ۾ پاڪس??ان جي سفارتخاني پاران جاري بيان موجب مملڪتي وزير جي ٿيري فليمن جوٽوٽل گلوبل سروسز جي سي اي او به آهي سان ملاقات دوران پاڪس??ان ۽ ??را??س جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن سان گڏوگڏ پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. حنا رباني کر ??را??ڪوس بيتوزيٽ سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اسٽارٽ اپ سيڪٽرز جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ ايندڙ سال ويواٽيڪ ايونٽ ۾ پاڪس??ان جي شرڪت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پيرس اسڪول آف انٽرنيشنل افيئرز، سائنسز پويو يونيورسٽي جي شاگردن سان ”پاڪس??ان ۽ اڀرندڙ ورلڊ آرڊر“ جي موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن کانپوءِ سوالن جوابن جو سيشن ٿيو. هن يونيورسٽي جي فيڪلٽي سان تعليمي تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪئمپس ??را??س ۽ ڪانفرنس آف گرينڊي ايڪولس ڪي جي نمائندن سان ملاقات ۾ مملڪتي وزير پاڪس??ان ۽ ??را??س جي وچ ۾ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ اداراجاتي رابطن ۽ مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.