اسلام آباد/نواب شاهه – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سرندي وارن کي ٻوڏ سٽيلن جي وڌيڪ امداد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ متاثر عورتن، ٻارن، انهن جي خوراڪ، تعليم ۽ تربيت ۽ بحالي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن، عالمي برادري کي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري نقصانن جي ازالي لاءِ ڀرپور حصو وجهڻ گهرجي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? ڊاڪٽر عارف علوي نوابشاهه ۾ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو. صد?? پاران پنجاب حڪومت جي تعاون سان نوابشاهه جي ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ 5 ڪروڙ جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. صد?? نوابشاهه ۾ ٻوڏ سبب ٿ??ند?? نقصانن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻوڏ جي ڪري ٻين علائقن ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ وڏي تباهي ٿي، شايد هي سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافي جي ڪري پاڪستان ۾ وڏي ٻوڏ آئي، عالمي گرمي پد جي اضافي ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر پاڪستان ان کان متاثر ٿ??ند?? ملڪن ۾ سرفهرست آهي، عالمي برادري کي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري ٿ??ند?? نقصانن جي ازالي لاءِ ڀرپور حصو وجهڻ گهرجي. صد?? چيو ته موسمياتي تبديلي کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي سطح تي مثبت ۽ ڏورس قدمن جي ضرورت آهي، ٻو?? کان متاثر عورتن ۽ ٻارن جي خوراڪ، تعليم ۽ تربيت ۽ بحالي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته تباهي آڻ??ند?? ٻوڏ جي ڪري لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل، گهرن ۽ عمارتن جو نقصان ڏسي شديد افسوس ٿيو. صد?? سرندي وارن کي متاثرين جي وڌيڪ امداد جي اپيل ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم مشڪل وقت ۾ سدائين پنهنجي ڀائرن جو سهارو بڻي آهي. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي پاڪستاني رهواسين سان گڏ آهيون، مشڪلاتن جو هر ممڪن ازالو ڪيو پيو وڃي، خواهش آهي ته جلد کان جلد ماڻهن کي پنهنجي علائقن ۾ ٻيهر آباد ڪيو وڃي. صد?? چيو ته حڪومت ۽ ??مو??ا فلاحي ادارا ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ امداد جي لاءِ هر وقت ڪوششون ڪري رهيا آهن. صد?? ڪئمپ ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرين سان پڻ ملاقات ئي. صد?? کي ان موقعي تي انتظاميا پاران بريفنگ پڻ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نوابشاهه جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، 247000 ايڪڙ کان وڌيڪ فصل تباهه ٿيا، اسڪولن ۽ گهرن کي تمام گهڻو نقصان پهتو.