حيدرآباد – 01 8211; آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پاڪس??ان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ صاحبزاده شبير انصاري 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني طور تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جهڙي ڪڌي قدم جي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي ايم اين اي چيو ته هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي معصوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪس??ان مسلم ليگ (ن) ۽ ملڪ جي ٻين سياسي پارٽين پاران ريليون ڪڍيون ??ينديون ۽ ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظ??من جي خلاف آواز اٿاريو ويندو. هن چيو ته ڪشمير پاڪس??ان جي شهه رڳ آهي ۽ ان مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ ??هرجي. هن چيو ته پاڪس??ان مسلم ليگ (ن) ڪشمير مسئلي کي سدائين گڏيل قومن سميت سمورن فورمن تي اجاگر ڪيو آهي. هن حيدرآباد جي شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي 5 آگسٽ تي ڪڍي ويندڙ ريلين ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائين.