اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول (NASFF – 21) جي ??سڪالرشپس حاصل ڪندڙ ڪامياب نوجوانن جي مان ۾ مانجهاندي واري تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب جو مقصد نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول جي ??سڪالرشپس کٽيندڙ نوجوانن کي ??ال??ي شهرت يافته فلم انسٽيٽيوٽ نيويارڪ فلم اڪيڊمي، آسٽريليا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي ??اء?? روانو ٿيڻ کان اڳ ڪاميابي کي ملهائڻ هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ڊائريڪٽر جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊي اي ايم پي) عمرانه وزير، ايڊيشنل سيڪريٽري مبشر توقير، ڊائريڪٽر (ڊي اي ايم پي) آصف الرحمان، آءِ ايس پي آر جي ??فيسرن برگيڊيئر عمران نقوي ۽ ميجر احمد بٽ پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول اسڪالرشپس حاصل ڪندڙن حمزه بن افتخار، عقيده چشتي، روح الله ڪشفي، شاهه زيب علي، ث??لين عباس، حذيفه احمد، مريم نقوي، وشال ڪدواني، عرفان نور بخش ۽ حارث لطيف موجود هئا. ان موقعي تي ايفنيٽي مان صبا چوهاڻ، ميثم رضا ۽ محمد ياسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي اطلاعات واري سيڪريٽري نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول جي ??سڪالرشپس حاصل ڪندڙ نوجوانن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان جي نوجوانن ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي. نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول نوجوانن کي ميڊيا سائنسز ۽ فلم سازي جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ جي ??اء?? هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول پليٽ فارم پاڪستان جي نوجوانن جي ??اء?? ان شعبي ۾ پنهنجو ڪي??يئر بڻائڻ جو بهترين موقعو آهي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي تحقيقي صلاحيتن ۽ مهارتن جي ??ظهار ??اء?? اهڙن ايونٽس ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن.