اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومي ترقي جي رفتار وڌائڻ لا??ِ مصنوعي ذهانت، ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ، ڊيٽا اينالسز، سائبر سيڪيورٽي ۽ خلائي ٽيڪنالاجي جهڙين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ميدان ۾ فڪري صلاحيتن کي وڌائڻ لا??ِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سينئر آفيسر ليڊر شپ ڪورس جي شريڪ ٿيندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تدريسي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن کي انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هنرمند پيشيور م??ڻهن جي مارڪيٽ جي ضرورتن کي موثر طريقي سان پورو ڪرڻ لا??ِ هڪ فعال انداز اختيار ڪ??ڻ گهرجي. هن چيو ته خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ يونيورسٽين ۾ داخلا جي شرح گهٽ آهي جيئن آن لا??ن ۽ هائيبرڊ تعليم جي طريقن کي اختيار ڪ??ي وڌڻ جي ضرورت آهي. صدر ان ڳالهه تي ??وش??ي وڌي ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نمايان تبديليون ٿي رهيون آهن ۽ پاڪستان کي چوٿين صنعتي انقلاب جي ثمرن سان پوري طرح فائدو وٺڻ لا??ِ پنهنجي فيصلا سازي جي رفتار کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب مهارتن سان ليس ڪرڻ گهرجي ۽ ”ڊيجي اسڪلز“ جهڙي آن لا??ين تربيت جي پروگرامن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته جديد ترين آءِ ٽي اسڪلز اسان جي نوجوانن کي پنهنجون خدمتون آن لا??ين پيش ڪري پنهنجي لا??ِ ڪمائڻ ۽ قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جي قابل بڻائيندا. هن چيو ته پاڪستان کي ترقي جي تيز رفتار راهه تي گامزن ڪرڻ لا??ِ جديد انداز اختيار ڪ??ڻ گهرجن، ۽ پنهنجي انساني وسيلن خاص طور تي نوجوان آباد جي فڪري ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ملڪ ۾ توانائي جي مسئلن جي باري ۾ ڳالهائيندي صدر ملڪ ۾ توانائي جي مستحڪم ۽ پائيدار فراهمي کي برقرار رکڻ لا??ِ توانائي جي قابل تجديد ۽ غير قابل تجديد ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ تي زور ڏنو. هن جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي پکيڙ کان بچڻ لا??ِ نوجوانن ۾ اخلاقي قدرن ۽ تنقيدي سوچ جون مهارتون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو.