اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي وزير جي حيثيت سان ايوان صدر ۾ حلف برداري کانپوءِ ملاقات ڪئي. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري وفاقي ڪابينا ۾ توسيع جي ٽئين مر??لي ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کنيو، حلف برداري جي تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اش??ف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي ??زيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني، گهرو وزير رانا ثناءُ الله، پرڏيهي معاملن وا??ي مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ وفاقي ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي.