اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان جمعي علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي ج??هن ۾ وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ خواجه سعد رفيق پڻ شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مولانا فضل الرحمان ڪابينا جي پهرين اجلاس ۾ پيش ڪيل ملڪي معيشت جي انگن اکرن تي ڳڻتي ج?? اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪابينا جي گڏجي ملڪ کي انهن مشڪل حالتن مان ڪڍڻ جي عزم کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ج?? لاءِ خوش آئنده قرار ڏنو.