اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب احساس پروگرام ۽ پناهگاهون بند ڪرڻ جي خبرن کي ڪوڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته شهباز شريف وزيراعظم چ??نڊ??ڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ پهرين خطاب ۾ واضح ڪيو هو ته عوامي خدمت جا منصوبا جاري رهندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ب??نظ??ر انڪم سپورٽ پروگرام نه رڳو جاري رهندو پر ان کي وڌيڪ توسيع ڏني ويندي، وزيراعظم شهباز شريف ب??نظ??ر انڪم سپورٽ پروگرام کي ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم جو ذريعو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪو پروگرام بند ناهي ٿيو، عوام جي ڀلائي جي هر منصوبي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، هن چيو ته اڳوڻ?? وزيراعظم نواز شريف جو شروع ڪيل صحت ڪارڊ ائين ئي هلندو رهندو، ان کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، اهڙا ڪوڙ اهي پکيڙي رهيا آهن جن ک?? وزيراعظم جي ڪرسيءَ ۽ ڪنٽينر تي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ميڊيا کي به گذارش آهي ته اها اهڙي بي بنيادن اطلاعن کي جڳهه ڏيڻ کان پاسو ڪري، الله تع??ليٰ جو شڪر آهي ته اڄ ملڪ ۾ هڪ چونڊيل وزيراعظم آهي جيڪو عوام جو ڏک درد ۽ احساس رکي ٿو، اڄ ملڪ ۾ اه??و وزيراعظم آهي جيڪو عوام جي لاءِ فراخدلي ۽ ان جي خدمت جو جذبو رکي ٿو، اڄ ملڪ ۾ اهڙو چونڊيل وزيراعظم آهي جيڪو عوامي ۽ قومي سلامتي جي ايشوز کي پنهنجي سياست جي لاءِ استعمال نه ٿو ڪري.