اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپ??يم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، سپ??يم ڪورٽ جو جيڪو ب?? فيصلو هوندو اسانکي قبول هوندو. انهن خيالن جو اظهار هن سپ??يم ڪورٽ جي ٻاهر پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي خط ۾ چيو ويو ته وزيراعظم کي جيڪڏهن نٿو هٽايو وڃي ته ??اڪ??تان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، ان تي ڪيترائي سوال اٿن ٿا، عدم اعتماد کان ٽي ڏينهن اڳ قومي سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس رکيو ويو هو، اپوزيشن چيو ته قومي سيڪيورٽي ڪميٽي اجلاس لاءِ اسانکي ڪو دعوت نامو ناهي ڏنو ويو، انهن کي باضابطه خط لکي گهرايو ويو پر اهي نه آيا، متحده اپوزيشن جو مقصد عدم اعتماد آڻي چونڊن ۾ آءِ وي ايم مشين جي استعمال کي ختم ڪرڻو هو، انهن جو مقصد نيب ۽ اوورسيز ??اڪ??تانين جي ووٽ کي ختم ڪرڻو هو، پرڏيهي سازش جي جيستائين جاچ نٿي ٿئي عدم اعتماد نٿي ٿي سگهي. فيصل جاويد چيو ته اسانجون نون چونڊن لاءِ تياريون عروج تي هجن، اپوزيشن خوفزده ڇو آهي عوام ۾ اچي ۽ ميدان ۾ مقابلو ڪري. ان موقعي تي علي محمد خان چيو ته اسان گورننس تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، مهانگائي کي تسليم ٿا ڪريون، معاملو تبديل ٿي ويو آهي، هاڻي معاملو رياست جو ٿي ويو آهي، ??اڪ??تان جا فيصلا پرڏيهه مان نه ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته روس رڳو ب??انو آهي عمران خان نشانو آهي.