اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان ملائيشيا جي پلانٽيشن انڊسٽريز اينڊ ڪموڊيٽيز واري ??زير زورائيده بنت قمر الدين وفد سميت پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ فروغ وٺي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازي اعليٰ ??طح?? وفد جي مٽاسٽا سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيو آهي. پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ??اپي ۾ اضافو ۽ معيشت کي نمايان فروغ ميسر ٿيندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان، ملائيشيا سان دوستاڻي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل حصيداري کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻئي ملڪ عالمي فورمن تي سدائين هڪٻئي جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته پنهنجي جاگرافيائي اهميت جي ڪري ??اڪستان ۽ ملائيشيا، پنهنجي لاڳاپيل مارڪيٽن تائين پهچ جي سهولت فراه?? ڪري هڪٻئي کي اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي فائدا فراه?? ڪري سگهن ٿا. تعليم، دفاعي مصنوعات، ??اپار ۽ سيڙپڪاري اليڪٽرانڪس ۽ آءِ ٽي انڊسٽري، حلال فوڊ، آئل اينڊ گئس، قابل تجديد توانائي، سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون هڪ ٻئي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪ?? ڪرڻ جي راهه هموار ڪندو. پاڪستان ”آسيان“ جو ڊائلاگ پارٽنر بڻجڻ لاءِ ملائيشيا پاران حمايت جو منتظر آهي. ملائيشين وزير زورائيده بنت قمر الدين سينيٽ چيئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، معيشت جي بهتري ??اءِ واپاري ??اپي ۾ اضافو ۽ موجوده سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي جو اهم ملڪ آهي ملائيشين سيڙپڪار، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جا خواهشمند آهن.