بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي چين جي دوري جي ٻئي ڏينهن چين جي مختلف سرڪاري ۽ نجي ڪمپنين جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم عمران خان حڪومت پاران غيرملڪي سيڙپڪارن خاص طور تي ملڪ جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري جي لاءِ مراعتن جي آڇ کي اجاگر ڪيو، هن يقين ڏياريو ته پا??ستان ۾ چيني ڪمپنين کي انهن جي ڪاروبار جي فروغ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چائنا انرجي اينڊ انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي چيئرمين، چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن (سي ايس سي اي سي) پاور چائنا، ايسٽ سي گروپ، چائنا ريلوي گروپ لميٽيڊ، چائنا مي??الورجيڪل گروپ ڪارپوريشن، بيجنگ سنچري انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ۽ چين مڪس گروپ جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران چيني سيڙپڪارن وزيراعظم عمران خان کي پا??ستان ۾ انهن جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ توانائي، ريفائننگ، پ??ٽر?? ڪيميڪلز، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ، واٽر مئنيجمينٽ، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ۽ هائوسنگ جي شعبن ۾ اربين ڊالر ماليت جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري منصوبن کان آگاهه ڪيو. چائنا انرجي ڪمپني توانائي، واٽر مئنيجمينٽ، ٽرانسپورٽيشن ۽ تعميرات سميت مختلف شعبن ۾ خ??متون سرا??جا?? ڏي ٿي. چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن (سي ايس سي اي سي) پاور چائنا ڪميونيڪشن ۽ انجنيئرنگ تي ڌيان ڏي ٿي ۽ توانائي ۽ پا??ي جي شعبن ۾ خ??متون سرا??جا?? ڏي ٿي. ايسٽ سي گروپ عالمي سطح تي توانائي ۽ ڪيميڪل جو واپار ڪندڙ ڪمپني آهي. چائنا ريلوي گروپ لميٽيڊ انجنيئرنگ، ريئل اسٽيٽ ڊيولپمينٽ، ريلويز ۽ کاڻيون کوٽڻ جي شعبي ۾ خ??متون سرا??جا?? ڏي ٿو. چائنا مي??الورجيڪل گروپ ڪارپوريشن دنيا ۾ وڏي پئماني تي تعميرات جو ٺيڪيدار گروپ آهي. بيجنگ سنچري انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ڪيترن ئي ملڪن ۾ شهري ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان پا??ستان ۾ چيني ڪمپنين جي ڪاروباري لاڳاپن ۾ اضافي جي دلچسپي کي ساراهيندي حڪومت پاران غيرملڪي سيڙپڪارن خاص طور تي ملڪ جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري جي لاءِ مراعتن جي آڇ کي اجاگر ڪيو. هن يقين ڏياريو ته پا??ستان ۾ چيني ڪمپنين کي انهن جي ڪاروبار جي فروغ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ملاقاتن دوران ڪابينا مي??بر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.