اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پ?? پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو آهي ته موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي، پاڪستان پاران پيش ڪيل ڊوزيئرز سان ڀارت جو مڪروه چهرو بي نقاب ٿيو، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن پاڪستان جي موقف ۽ ڪشمي??ين جي خودمختياري واري حق جي حمايت ڪئي، عالمي برادري ڀارت تي 5 آگسٽ 2019ع تي ڪيل قدمن واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ يوم يڪجه??ي جي موقعي تي غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي صورتحال کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته قوم 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائي رهي آهي، ايوان مان ڪشميري ڀائرن کي يڪجه??ي جو پيغام ويندو، پاڪستان ۽ ڪشمير جو جسم ۽ جان، انسانيت، محبت ۽ ڀائيچاري جو رشتو آهي، ??شمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، عالمي تڪرار جنهن جو حل ڪشميري عوام جي خواهشن موجب خودمختياري واري حق ??انسواءِ ناممڪن آهي،ڪشمير تي ڀارتي قبضي سان اڄ تائين ڀارتي ظلمن جاري آهن، 9 لک ڀارتي فوج موجود هجڻ جي ڪري ڪشمير جيل بڻجي چڪو آهي، ??شميري نوجوانن، مائرن، ڀينرن قربانيون ڏئي آزادي جو علم بلند ڪري رکيو آهي، اها ڏاڍ ۽ واعدي خلافي جي ڊگهي تاريخ آهي، هن چيو ته ڀارتي آئين ۾ ڪشمي??ين جي شناخت برقرار رکڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، ڪشمي??ين کان راءِ شماري جو واعدو به ڪيو ويو هو، نريندر مودي جي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ ڪشمير ۾ نئين صورتحال پيدا ٿي، هن چيو ته 5 آگسٽ 370 ۽ 37 اي کي ڀارتي آئين مان حذف ڪيو وڃي ٿو، هندوتوا جي فلسفي تحت اسرائيلي طرز تي ڪشمير ۾ هندوئن کي رهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، 4.2 ملين ماڻهن کي غير قانوني ڊوميسائيل جاري ڪيا وڃن ٿا، ڪشمي??ين تي اهڙو ظلم ڪيو ويندو آهي جنهن تي انسانيت شرمائجي ويندي آهي، ??شمير حريت اڳواڻن کي قيد ڪيو ويو، سيد علي گيلاني جي مڙهه سان ڀارتي سلوڪ انسانيت جي منهن تي چماٽ آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت ڪشمي??ين سان يڪجه??ي جو پيغام ڏنو، وزيراعظم ڪشمير جو سفير بڻجي ڏيکاريو، هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو. قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته وزيراعظم عمران خان عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن دوران ان تڪرار کي هر فورم تي اٿاريو، او آءِ سي جي خصوصي اجلاس ۾ به ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو ويو، پرڏيهي وزير ڪشمير مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ عالمي سطح کنيو، پاڪستان پاران پيش ڪيل ڊوزيئر سان ڀارت جو مڪروه چهرو بي نقاب ٿيو، ڀارت تنهائي جو شڪار آهي، ??شمير مسئلو هن وقت عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن پاڪستان جي موقف ۽ ڪشمي??ين جي خودمختياري واري حق جي حمايت ڪئي. هن چيو ته فيڪٽ فائنڊنگ مشن والاريل ڪشمير ۾ به وڃي، رسل ٽربيونل آن وار ڪرائم پنهنجي رپورٽ ۾ ڀارت کي نسل ڪشي جو ذميدار قرار ڏنو آهي، ??ارتي اڳواڻ به مودي جي پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي جو اعتراف ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ڪسمير مسئلي ۽ سرحدي تڪرارن سان پاڪستان ۽ چين جو تعلق آهي، ??ارتي وزيراعظم نريندر مودي کي سمجهڻ گهرجي ته ظلم جي رات ڊگهي ٿي سگهي ٿي پر آزادي جو سج ضرور اڀرندو، هن چيو ته ڀارت ظلمن جي ذريعي ڪشمي??ين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهي، ??ارت 5 آگسٽ 2019ع جا غير قانوني قدمن واپس وٺي، دنيا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم روڪڻ لاءِ قدم کڻي. جعلي ڊوميسائيل کي رد ڪيو وڇي، ??شمي??ين جي خودمختياري واري حق ??ي يقيني بڻايو وڃي، مودي کي جنگي ڏوهن تي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻندو وڃي.