اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ متحده عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپ??يم ڪمانڊر محمد بن زيد کي ٽيليفون ڪئي ۽ 17 جنوري 2022ع تي ابوظهبي ۾ شهري سهولتن جي مرڪز تي حوثي ويڙهاڪن جي المناڪ دهشتگرداڻي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ متحده عرب امارات جي قيادت، حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب و??ير??عظم ان موقعي تي چيو ته اهڙن حملن جو ڪو به جواز نه آهي ۽ اهڙن حملن کي فوري روڪڻ جي ضرورت آهي جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ شديد خ??رو آهن. و??ير??عظم ان حملي جي متاثرين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد ص??تيابي لاءِ دعا ڪئي. ولي عهد محمد بن زيد و??ير??عظم عمران خان پاران ڀرپور حمايت جي اظهار تي ان جو ٿورو ادا ڪندي ان المناڪ واقعي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستاني شهري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.