پشاور- 16 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته 16 ڊسمبر جو ڏينهن اسان کي ان ال??يي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن انسانيت جي دشمنن معصوم شاگ??دن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو. اي پي ايس جي شهيدن جو غم اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ هميشه زندهه رهندو. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شاگ??دن ۽ استادن جي شهادت هميشه ياد رهندي. اهڙو اظهار هن اي پي ايس جي 7 ور??يء?? جي موقعي تي جاري بيان ۾ ڪيو. وڏي وزير چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي معصوم ٻارن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي ملڪ ۾ پائيدار امن جو بنياد رکيو ۽ پوري قوم حڪومت ۽ ادارن کي گڏيل دشمن خلاف متحد ڪيو.