اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي نيب جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد عمير جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب محمد عمير شرجيل انعام ميمڻ ريفرنس ۾ 15 اصل پراپرٽي ڊيڊ چورايا هئا، انڪوائري کانپوءِ نيب محمد عمير کي نوڪري مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، نيب اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيب چيئرمين جي سروس مان ڪڍ?? جي حڪم جي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي، صدر نيب پاران محمد عمير کي سروس مان فارغ ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي چيو ته ڏوهه جي نوعيت جي اعتبار سان نوڪري مان ڪڍ?? جي سزا ڪافي نه آهي، نيب محمد عمير جي خلاف قانون جي آخري حد تائين ڪا??روائي ڪري، محمد عمير اهم ڪا??ذن جو واحد نگران هو، اسٽيل جي الماري مان ڪا??ذ چوري ٿيا، الماري تائين رسائي صرف محمد عمير کي حاصل هئي، عدالت ۾ ڪا??ذ پيش ڪرڻ جو واعدو به ڪيو، عين وقت تي عدالت کي ڪا??ذات چوري هجڻ جو ٻڌايو ويو جنهن جي ڪري ڪيس ۾ ملوث ماڻهن کي ضمانت ملي وئي، دٻاءُ وجهڻ کانپوءِ ڪا??ذ برآمد ٿيا ۽ نيب کي شرمندگيءَ جو منهن ڏس??و پيو، صدر چيو ته نيب جي تحويل مان اصل ڪا??ذن جي چوري هڪ ڪڌو ڏوهه آهي، پاڪستاني عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي وئي ۽ ادارن کي دوکو ڏنو ويو، پاڪستان کي ڪرپٽ لٽيرن جي ڪري شديد نقصان کڻ??و پيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ باهه جي ڪري ثبوتن تي مشتمل عمارتون به سڙي وينديون آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني سياستدانن جي ڪرپشن ڪيسن ۾ به ڪا??ذات چوري ٿي ويندا آهن. هن چيو ته ڪا??ذ حادثاتي طور تي نه پر هڪ ڪرپٽ آفيسر ڄاڻي واڻي چورايا، فائل مان صرف ضروري ڪا??ذ چوري ٿيا، باقي سڀ ڪا??ذ موجود رهيا، چوري ڪو ٻاهر جو ماڻهو نه پر ڪيس جا تفصيل ڄاڻڻ واري ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته منهنجي لاءِ ان ڪيس ۾ فيصلو ڏيڻ نهايت تڪليف جو باعث آهي، ان مجرماڻي فعل جي ڪري قوم کي اربين روپين جو نقصان ٿيو، نيب اڳوڻي آفيسر جي خلاف قانوني ڪا??روائي ڪري.