اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي شگر ملز ڪيس ۾ 25 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ 30 آڪٽوبر تائين ضمانت ملي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان ڪيس ۾ انهن اڪائونٽس جا تفصيل ڏسي سگهجن ٿا جيڪي رڳو انهن وڏ?? ڪرپشن ڪيسز مان رڳو هڪ ڪيس جا آهن. مخالف ڌر چاهي ٿي ته احتساب جو عمل ڇڏي اڳتي وڌيو وڃي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ انهن شڪي اڪائونٽس جا تفصيل پڻ شيئر ڪيا جنهن ۾ شهباز شريف اينڊ فيملي جي ڪلرڪن ۽ چپڙاسين ج?? نالن تي ٺاهيو ويو شڪي اڪائونٽس مان 25 ارب رپيا منتقل ڪيا ويا.