اسلام آ??اد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??مل??تي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عمران خان جي قيادت ۾ اقليتن کي سڀني حقن ۽ سهولتن جي فراهمي يقيني ??ڻا??ي رهيا آهيون، اقليتن کي شهري حيثيت ۾ زندگي جي هر شعبي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جا سڀئي موقعا حاصل هوندا، اقليتن جي ح??ن جي پاسداري دين اسلام جي تعليم ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. اقليتن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ??مل??تي وزير فرخ حبيب چيو ته رواداري، گڏيل اح??را?? ۽ هر طرح جي فرق کانسواءِ انساني ح??ن جو تحفظ اسلامي معاشري جي بنيادي گهرج آهي، اسان جي آئين ۾ به ان اسلامي اصول کي پوري طرح شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت اقليتن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جمهوري روايتن جي فروغ لاءِ مذهبي هم آهنگي جي ڪوششن کي تيز ڪيو ويندو.