اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد الحمد المالڪي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب ملاقات دوران سعودي سفير وزيراعظم عمران خان کي ولي عهد محمد بن سلمان ??اران آڪٽوبر 2021ع ۾ سعودي عرب جي ميزباني ۾ ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو“ جي موضوع تي ٿيندڙ سربراهه اجلا?? ۾ ??رڪت لاءِ باضابطه دعوت ڏني. واضح رهي ته سعودي ولي عهد پاران ??ڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو جو اعلان ??لندڙ سال جي آغاز ۾ ڪيو ??يو هو، جيڪو وزيراعظ?? پاڪستان جي ڪلين ۽ گرين پاڪستان ۽ 10 ارب سونامي ٽري منصوبي سان ??ڪجهڙائي رکي ٿو. پاڪستان ۽ سعودي عرب ماحوليات ۾ تبديلي بابت پنهنجي حڪمت عملي ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ به هڪٻئي سان ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان کي ان سربراهه اجلاس ۾ ڏني ويندڙ دعوت ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جو اعتراف آهي.