??وش??بي_30 مارچ (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريش?? چيو آهي ??ه جامع ڳالهين کانسواءِ افغانستان مسئلي جو ڪو مستقل حل نه آهي،گذريل ڏينهن ??وش??بي ۾ نائين هارٽ آف ايشيا استنبول پراسس اجلا س جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيند?? چيو ته امن جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کان سڄي دنيا آگاه آهي،اسان مستقبل تي نظر رکي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان سڀ ان ڳالهه ??ي متفق آهيون ته جامع ڳالهين کانسواءِ افغانستان مسئلي جو حل نه آهي،هن چيو ته پاڪستان هميشه کا?? اهو چوندو رهيو آهي ??ه افغانستان مسئلي جو فوجي حل نه آهي ۽ هاڻي اها ڳالهه سڀني کي ذهن نشين ٿي چڪي آهي ??يڪا اسان جي وڏي ڪاميابي آهي،پرڏيهي وزير چيو ته ما?? اهو ڪڏهن به نه چوندس ته ائين ڪرڻ آسان هوندو پر اسان سڀني کي اڳيان وڌڻوپوندو.شاه محمود قريش?? چيو ته گذريل ڏينهن منهنجي ترڪ پرڏيهي وزير سان ملاقات سٺي رهي. استنبول ڪانفرنس جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي جڏهن ته اڄ منهنجي افغان صدر ۽ افغان پرڏيهي وزير سان ملاقات طئي آهي. اي پي پي/ ع – ا 12:50