اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماکيءَ جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار واري وزارت سٺي معي??ر جي ماکيءَ عالمي منڊين تائين پهچا??ڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ قدم کڻي، مگس باني کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم ضر??ري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪستان مگس باني ايسوسيئيشن جي وفد سان م??اقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ ماکي جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي اعليٰ معي??ر جي ماکيءَ کي عالمي منڊين ۾ موڪلڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ واپار واري وزارت قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ معي??ر جي ماکي جي پيداو??ر جي صلاحيت موجود آهي. مگس باني جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي جديد رخن تي تربيت جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته مگس باني کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ ضر??ري آهن. وفد صدر کي مگس باني جي شعبي ۾ درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو.