اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) حڪومت اعلان ڪيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان جنرل سيٽ تي شڪست کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺندو، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪم??شن کي سينيٽ چونڊن کي آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، اسان اليڪشن ڪم??شن کي تجويز ڏني ته اها سڃاڻپ جوڳا بيلٽ پيپر ڇاپي پر انهن اسا?? جي درخواست تي عمل نه ڪيو، اڄ افسوسناڪ ڏينهن آهي، جمهوريت جي علمبردارن جمهوري قدر?? جي نفي ڪئي، اليڪشن ڪم??شن سينيٽ جون شفاف چونڊون ڪرائڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري پوري طرح نه نڀائي نه سگهي، پارٽي ڊسيپلي?? جي خلاف ورزي تي اڳ ۾ به ڪارروائي ڪئي هئي ۽ هاڻي به ڪنداسين. پريس انفارم??شن ڊپارٽمينٽ ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وفاقي وزيرن اسد عمر، شفقت محمود، فواد چوڌري، شيرين مزاري، علي زيدي، حماد اظهر، وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو معاملن واري خاص معاون شهزاد اڪبر، شهباز گل سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ سينيٽ جي چونڊن ۾ جيڪو نتيجو اسان ڏٺو ان اسا?? جي بيانيي کي سگهه ڏني، اسان جو بيانيو هو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر منڊيءَ لڳندي ۽ ضميرن جا سودا ٿيندا. هن چيو ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي سيٽ تي اسان جا ٻه اميدوار هئا، هڪ اسا?? جي عورت اميدوار هئي جنهن ۾ ڪا دلچسپي نه هئي جيئن ته اها کٽي وئي جڏهن ته اسلام آباد جي ٻي سيٽ تي انه?? جي دلچسپي شروع کان هئي جيئن ته انهن جمهوريت تي نالي خريد ۽ وڪرو ڪيو. هن چيو ته اڳ ۾ اليڪشن ۾ جڏهن اهڙي قسم جون شڪايتون سام??ون آيون ته اسا?? جي پارٽي قيادت لڳ ڀڳ 20 ميمبر?? جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي، اسان جڏهن اوپن بيلٽنگ جي ل??ءِ قانونسازي جي ڳالهه ڪئي ته انهن ا?? جي ڀرپور مخالفت ڪئي، اسان قانوني راءِ وٺڻ جي ل??ءِ سپريم ڪورٽ جو دروازو کڙڪايوسين، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪم??شن کي هدايت ڪئي هئي ته شفاف اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميش?? جي ذميواري آهي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اليڪشن ڪم??شن شفافيت جي حوالي سان ناڪام ڏسڻ ۾ آئي. هن چيو ته هڪ ڏينهن اڳ سام??ون ايندڙ وڊيو ۾ يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي حيدر گيلاني جو چهرو ۽ سندس حرڪتون قوم آڏو آهن، پيپلزپارٽي جهڙي طرح جي سياست جو مظاهرو ڪيو آهي اهو قوم جي آڏو آهي، اسان اليڪشن ڪم??شن کان ٽيڪنالاجي جي استعمال جو مطالبو ڪيو ته انهن معذوري ظاهر ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان سياسي ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جي هر ڪوشش ڪئي، قوم ان ويڙهه ۾ ڏسي رهي آهي ته ڪير ڪٿي بيٺل آهي، هي حق ۽ باطل جي ويڙهه آهي جيڪا اسان وڙهندا رهنداسين ۽ اها ويڙهه اسان کٽينداسين، اڄ پاڪستا?? جي جمهوريت جي ل??ءِ افسوسناڪ ڏينهن آهي، جمهوريت جي علمبردارن اڄ جمهوريت کي ل??اڙيو آهي، جمهوري قدر?? جي نفي ڪئي آهي. هن چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ وفاقي گادي واري شهر جي جنرل سيٽ تي سام??ون ايندڙ نتيجي کانپوءِ عمران خان ۽ اسا?? جي پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته عمران خان هن ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺندو ته جيئن کلي سام??ون اچي وڃي ته ڪير عمران خا?? جي نظريي سان گڏ بيٺل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته جيڪو عمران خان سان گڏ بيٺل آهي اهو واضح طور تي ان سان گڏ هوندو، جن جو ڪو سياسي نظريو نه آهي اهي مفاد جي سياست ڪن ٿا، اهي انهن ئي ماڻهن سان گڏ بيٺل هوندا، تحريڪ انصاف جي ڪارڪن کي اهو اعتماد هجڻ گهرجي ته ان ويڙهه ۾ اسان انهن جو مقابلو ڪنداسين، انهن جو مقصد بچاءُ ۽ فرار جي سياست آهي ۽ هي ان سياست کي جاري رکڻ چاهين ٿا، اسان ان سياست کي دفن ڪري سک جو ساهه کڻنداسين. هن چيو ته سپريم ڪورٽ آئيني راءِ ڏني پر گڏ هن اهو به واضح ڪيو ته شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميش?? جي ذميواري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اسان جا ميمبر ناراض هئا ته انهن هڪ سيٽ تي اسان کي ووٽ ڏنو ۽ ٻي تي نه ڏنو، اها ناراضگي نه ڪجهه ٻيو آهي، وزيراعظم عمران خان اخلاقي پوز??شن ورتي آهي ان لاءِ هن ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وڊيو ۽ آڊيوز جي منظرعام تي اچڻ مان واضح ٿي ويو ته خريد ۽ وڪرو ٿيو آهي، اسان پارٽي ڊسيپلي?? جي خلاف ورزي تي اڳ ۾ به ايڪشن ورتو هو ۽ هاڻي به وٺنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جنهن اصول کي پنجاب ۾ اختيار ڪيو ان کي اسلام آباد ۾ ڇو نه اختيار ڪيو ڇو ته انه?? جي نيت ۾ کوٽ هئي، هتي انهن کي ڌنڌو ڪرڻو هو، هي ڌنڌي جا عادي آهن، عو??ت جي سيٽ تي اهي خريد ۽ وڪرو جي ل??ءِ تيار نه هئا، انهن جو پورو ڌيان يوسف رضا گيلاني تي هو. هن چيو ته اسان سياسي پارٽي آهيون ۽ سياسي انداز ۾ مقابلو ڪنداسين، اسان پاڪستا?? جي عوام سان مخاطب آهيون، هي فيصلائتو مرحلو آهي، ان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته انهن سان گڏ بيهڻو آهي يا ماضي جي خريد ۽ وڪري جي سياست کي جاري رکڻو آهي يا انهن جو ڪڙو احتساب ڪرڻو آهي. هن چيو ته جن اليڪشن ۾ ضمير وڪرو ڪيو انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته وڊيو تي جيڪڏهن مخالف ڌر ڪنهن اسٽنگ آپر??شن جو الزام هڻي رهي آهي ته پڇڻو اهو آهي ته اهي ايترا ٻار آهن جو انهن کي سمجهه نه آهي ته اهي ڪنهن سان معاملا طئي ڪري رهيا آهن هن چيو ته غلطي ۽ بدنيتي ۾ فرق آهي جڏهن هڪ ميمبر کان غلطي ٿي ته هن کلي اظهار ڪيو ۽ درخواست ڏني ته کيس نئون بيلٽ پيپر جاري ڪيو وڃي جيڪو اليڪشن ڪم??شن نه ڪيو.