اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اهي مخالف ڌر ميمبر جيڪي اڳ ۾ ملڪ ۾ سخت ترين لاڪ ڊائون نه ٿيڻ تي تنق??د ڪندا هئا هاڻي عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي جلسا ڪري عوام جون زندگيون خطري ۾ وجهي رهيا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پي ڊي ايم جا اهي م??مبر جيڪي اڳ ۾ سخت ترين بندشون چاهيندا هئا ۽ مون تي طنز ۽ تنقيد ج?? تير هلائيندا هئا اڄ ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ وجهي انتهائي غيردانشمنداڻي سياست ڪري رهيا آهن.