اسلام ??با?? – 12 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالم سڳورن ۽ عوام جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته لاڪ ڊائون جا مثبت اثر پئجي رهيا آهن ۽ ڪورونا وائرس جي مريضن جي انگ وڌڻ جا جيڪي اندازا لڳايا ويا هئا ان کان انگ تمام گهٽ آهي، مقدس مهينو رمضان اچي رهيو آهي، مقدس مهيني ۾ به سماجي فاصلي کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ڏينهن جي دوري تي گل??ت بلتستان پهتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گل??ت ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جي سلسلي ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي گل??ت بلتستان حڪومت ۽ انتظاميا کي ڪورونا وائرس جي خلاف قدمن تي مبارڪباد پيش ڪئي ته حڪومت ۽ انتظاميا جي محنت جو نتيجو آهي جو گل??ت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جي 216 مريضن مان 67 مريض رهجي ويا آهن باقي سمورا صحتياب ??ي چڪا آهن.