اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ڪرونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال هڪ آزمائش آهي، اسان جي قوم گڏج?? ان جو مقابلو ڪندي ۽ هڪ عظيم قوم بڻجي اڀرندي، ملڪ جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جو خصوصي خيال رکڻو پوندو، ان مقصد لاءِ ڪرونا رليف فنڊ ۽ ٽائيگر فورس جو ڪردار گهڻو اهم آهي، عوام ڊسيپلين قائم ڪري ۽ يقين رکي ته انهن جو پئسو ضايع نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي آر واءِ نيٽ ور?? طرفان وزيراعظم کي ڪرونا رليف فنڊ جي حوالي سان ٽيلي ٿو?? ٽرانسميشن جي دوران ڪيو. وزيراعظم ??يو ته ڪرونا وائرس سبب پوري دنيا ۾ غير معمولي صورتحال پيدا ٿي آهي اهو ڏکيو وقت ضرورت آهي پر مون کي يقين آهي ته اسان جي قوم ان آزمائش مان هڪ عظيم قومي بڻجي اڀرندي. هن ??يو ته ڪا به جنگ حڪومت اڪيلي سر نٿي کٽي سگهي، ان جي لاءِ پو??ي قوم جو گڏ هجڻ لازمي آهي ۽ ڪرونا وائرس جي خلاف جنگ به قوم متحد ٿي وڙهندي. ان مقصد لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.