اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت جي وحشي حڪومت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن، ڪشميري عوام جي انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڀارتي جنتا پارٽي جي ڀارت ۾ رهندڙ پنهنجي اقليتن سان تعصباڻي ??وي?? جو تسلسل آهي جنهن جي والاريل ڪشمير ۾ 113 ڏينهن کان جاري ڊگهي گهيراءُ ??ان عڪاسي ٿئي ٿي. ايوان صدر پاران جاري پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار سوڊان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير تاغيلدين ا??هادي الطاهر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ا??وان صدر ۾ ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي.