اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پ?? پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي امن ۽ افهام تفهيم جي ڪلچر کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي، هن اها ڳالهه 48 هين او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي پ??هنجي وڊيو پيغام ۾ چئي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي وچ ۾ ڏهاڪ?? تي ٻڌل لاڳاپا هلي رهيا آهن جيڪي گهڻ رخي تعاون، ڊائيلاگ ۽ يڪجهتي جي مستحڪم بنياد?? تي قائم آهن. هن چيو ته اسان جي ٻنهي تنظيمن امن ۽ افهام تفهيم جي ڪلچر کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته تازن سالن ۾ اسان ثالثي، دهشتگردي جي خاتمي، پرتشدد انتهاپسندي کي ??وڪ??، مسلمانن جي خلا?? نفرت جو مقابلو ڪرڻ ۽ مذهبي ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ سميت اهم شعبن ۾ تعاون ڪيو آهي.