اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ??بيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان مهانگائي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي، وزيراعظم جي فيصلن جو محور ۽ مرڪز عوام کي ريليف ۽ سهولتون ??يڻ آهي. فرخ ??بيب هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ت?? ڪرپٽ ٽولي جون نظرون ملڪي خزاني مان ڦريل دولت کي بچائڻ تي آهن، 2018ع کان اڄ تائين مخالف ڌر ٽائيم پاس کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو. دنيا ۾ سئو سالن جو سڀ کان وڏو ڪورونا بحران هجي يا 50 سالن ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون بلند ترين س??ح تي هجن، وزيراعظم عمران خان س??ائين عوام جي لاءِ ”مردِ بحران“ بڻجي سامهون اچي ٿو. دنيا ۾ تيل جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي جي باوجود وزيراعظم عمران خان پيٽروليم جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو.