اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ??يوزي لينڊ، ميڪسيڪو، گهانا ۽ يوگنڊا جي سفيرن پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان کان اڳ نيوزي لينڊ جي هاءِ ڪمشنر مائيڪل ويهي ميليسٽونگاوالش، يوگنڊا جي هاءِ ڪمشنر محمد تيز يڪوبا ڪسمبيرا، ميڪسيڪو جي سفير گيلر مواليجينڊر وپيوينٽي ۽ ڊوريڪا ۽ گهانا جي سفير ايررڪ اووسابوٽ??نگ صدر سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.
ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان 220 ملين کان وڌيڪ آبادي ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بي پناهه امڪانن جو حامل اه?? ملڪ آهي، هن نيوزي لينڊ، ميڪسيڪو، گهانا ۽ يوگنڊا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي ??ڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان علائقائي واپار ۽ رابطن جي مرڪز جي طور تي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي دنيا جي مختلف خطن جي وچ ۾ واپار ۽ رابطن کي ??ڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، هن سفيرن کي اه?? به چيو ته هو پنهنجي ملڪن جي واپارين کي ڪاروبار د??ست ماحول مان فائدو کڻڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏين، سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏيندي صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي ??ڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪندا، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان لائيو اسٽا?? ۽ ??يري جي شعبن سميت پنهنجي زرعي شعبي جي ترقي کي تمام گهني اه??يت ڏي ٿو ۽ گڏيل فائدي جي لاءِ انهن شعبن ۾ مهارت جي مٽاسٽا ڪرڻ چاهي ٿو. هن د??ست ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن کي ??ڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ عوامي رابطن کي ??روغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر د??ست ملڪن سان تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ نون مقرر سفيرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.