اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ سان گڏوگڏ قو??ي اقتصادي ترقي جي هدفن کي اڳتي وڌائن ??اء?? پنهنجي جيو اڪنامڪ جاگرافيائي بيهڪ جي بهترين استعمال تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ۽ سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ??رڻ جي سلسلي ۾ هڪ جامع فريم ورڪ جي فراهمي جي ??اء?? اقتصادي پاليسي جوڙي وئي آهي. صدر عارف علوي اها ڳالهه آمريڪن بزنس فورم جي صدر وسيم انور جي قيادت ۾ هڪ وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان هڪ آزاداڻي سيڙپڪاري جو نظام متعارف ڪرايو آهي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ??اء?? ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ??اء?? سرگرم عمل آهي، هن چيو ته آمريڪي واپارين کي پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ??اء?? سيڙپڪاري دوست پاليسي مان فائد?? کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر وفد جي ميمبرن تي زور ڏنو ته هو عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي مالي امداد طور تي بااختيار بڻائڻ ??اء?? انهن جي مهارتن جي ترقي ??اء?? ڪم ڪن ۽ کين پاڪستان ۾ قائم پنهنجي لاڳاپيل فرمن ۾ نوڪريون فراهم ڪن. ان موقعي تي وفد بريفنگ ڏني ته ان جو اهم مقصد آمريڪي ڪمپنين کي ڪاروبار ۾ ??وس??ع ۽ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري کي وڌائن لا3 پليٽ فارم فراهم ڪرڻ آهي، فورم واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ??ري رهيو آهي جيڪو پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي ??اء?? گهڻو ضروري آهي. وفد مڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ??اء?? مختلف تجويزون ڏنيون، وفد جي ميمبرن صدر کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو، صدر کين سهولتن جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن جي حل جي حوالي سان تعاون فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.