اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن انساني المئي کان بچڻ لاءِ افغان عوام کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي حوالي سان ايپڪس ڪميٽي جي ٽئين اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وز??راعظم عمران خان افغانستان ۾ امداد لاءِ گڏيل قومن جي اپيل جي آجيان ڪئي، ايپڪس ڪميٽي افغانستان ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان مشڪل جي ??ن گهڙي ۾ افغان عوام کي اڪيو نه ڇڏيندو. ايپڪس ڪميٽي اقتصادي طور تي تباهه ٿيل افغانستان ۾ انساني جانين کي بچائڻ ۽ مشڪل جي ??ن گهڙي ۾ افغانين جي مدد لاءِ عالمي برادري ۽ امدادي ادارن کان هڪ دفعو ٻيهر مدد جي اپيل ڪئي،
وزيراعظ?? لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته افغانستان ۾ انساني الميي کان بچاءُ لاءِ دوست ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن جون راهون ڳوليو ته جيئن افغانستان ۾ طب، آءِ ٽي، فنانس ?? اڪائونٽنگ جي شعبن ۾ تربيت يافته افرادي قوت موڪلي سگهجي. هن افغانستان جي بحالي ۽ ترقي ۾ مدد لاءِ ريلويز، معدنيا??، دائون ٺاهڻ ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جي به هدايت ڪئي، ان کان اڳ ايپڪس ڪميٽي کي افغانستان لاءِ 5 ارب روپين جي امداد تي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو جنهن ۾ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ سميت غذائي جنسن، هنگامي طبي سامان، سردي کان بچاءُ لاءِ پناهگاهون ۽ ٻيو سامان شامل آهي، ايپڪس ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته افغانستان شديد سردي جي موسم دوران بک ۽ انساني الميي جي صورتحال پيدا ٿيڻ جي ويجهو پهچي چُڪو آهي، ان صورتحال ۾ عوا?? لاءِ خوراڪ ۽ پناهگاهن کي حاصل ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي.
ڪميٽي افغان عوام س??ن گڏ بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪندي امدادي ادارن تي زور ڏنو ته هو افغان عوام جي مدد لاءِ فوري حرڪت ۾ اچي. اجلاس ۾ پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين، گهرو وز??ر شيخ رشيد احمد، وز??راعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وز??راعظم جو قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ اعليٰ سول ۽ ملٽري عملدار موجود هئا.