اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو غير ??عمولي اجلاس افغانستان جي لاءِ فوري انساني ۽ اقتصادي امداد جي ضرورت تي ڌيان ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اها ڪانفرنس اسان جي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڀلائي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم جو عڪاس آهي، معيد يوسف چيو ته اسان اجلاس ک?? ڪامياب بڻائڻ ۾ سمورن مسلمان ملڪن، سهڪاري ملڪن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن جو ٿورو ادا ??ري??ن ٿا. هن ڪانفرنس ج?? ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پرڏيهي وزارت جي سموري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي.