اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي ل??ءِ انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان پاران 5 ارب رپين جي امدادي پئڪيج، افغانستان مان پاڪستان جي ل??ءِ اهم درآمدات تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي سرحدن تان داخل ٿيندڙ سمورن افغانين جي مفت ڪوويڊ 19 ويڪسي نيشن جاري رهندي، پشاور کا?? جلال آباد بس سروس بحال ڪئي وڃي، دنيا افغانستان جي هنگامي صورتحال جو نوٽيس وٺي ان??اني همدردي جي بنياد تي هر ممڪن مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي ل??ءِ خاص طور تي قائم بين الوزارتي رابطا سيل جي دوري ۽ افغانستان جي ل??ءِ قائم ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قو مي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ايپڪس ڪميٽي کي افغانستان جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ان??اني همدردي ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ افغانستان جي ل??ءِ 5 ارب رپين جي امدادي پئڪيج جي منظوري ڏني وئي. امدادي شين ۾ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ، دوائون ۽ ميڊيڪل سامان ۽ سردين جي ل??ءِ سامان شامل آهي. ان کا??سو??ءِ افغانستان مان پاڪستان اهم درآمدات تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي اصولي منظوري پڻ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سرحدن تان داخل ٿيندڙ سمورن افغانين جي ل??ءِ مفت ڪوويڊ 19 ويڪسي نيشن جاري رهندي. ان??اني همدردي جي بنياد تي وزيراعظم افغانستان جي ل??ءِ ڀارت پاران 50 هزار ميٽرڪ ٽن امدادي ڪڻڪ جيڪا پاڪستان مان گذري وڃڻي آهي، جي لنگهه جي اجازت ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته علاج جي ل??ءِ ڀارت ۾ ڦاٿل افغانين جي پاڪستان جي رستي وطن واپسي ۾ مدد ڪئي وڃي. اجلاس ۾ افغانين رهواسين جي سهولت ل??ءِ پاڪستاني ويزا حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائڻ ۽ وڌ کا?? وڌ ٽن هفتن جي ان??ر جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم افغانستان جي امداد جي ل??ءِ قدمن ۽ بارڊر مئنيجمينٽ کي ساراهيو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته افغان رهواسين جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي ۽ پشاور کا?? جلال آباد بس سروس بحال ڪئي وڃي، سرحدن تي مقرر اهلڪارن جي صلاحيت وڌائي وڃي ۽ سرحدن جي صوابديدي بندش نه ڪئي وڃي. ايپڪس ڪميٽي افغانستان ۾ هنگامي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان حڪومت افغان رهواسين جي مدد جي ل??ءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم چيو ته افغان بهادر ترين قوم آهي، جن مشڪل حالتن کي منهن ڏنو آهي، سالن جي تڪرارن کا??پوءِ عالمي برادري تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته ??ها افغان عوام جي مدد ??ري ته جيئن اهي امن ۽ استحڪام جي ماحول ۾ رهي سگهن. هن چيو ته دنيا افغانستان جي هنگامي صورتحال جو نوٽيس وٺي ۽ ان??اني همدردي جي بنياد تي هر ممڪن مدد جي ل??ءِ قدم کڻي. وزيراعظم قومي سلامتي واري صلاحڪار کي هدايت ڪئي ته هو افغانستان جو دورو ??ري ۽ وفدن جي سطح تي پڻ افغان عمدارن سان امداد جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون وڃن.