رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آهي، ??اڪ??تان ماحول جي بهتري لاءِ 10 بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو آهي، موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??اڪ??تان ۽ آم??يڪ?? کي گڏيل تجربن مان فائدو کڻڻ گه??جي، آم??يڪ?? آءِ ڊي ايف سي جي ذريعي موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏي، پرامن ۽ مستحڪم افعانستان ??اڪ??تان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، عالمي برادري افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جي فروغ ۽ انساني بحران ۽ اقتصادي بدحالي کان بچڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماحوليات بابت آمريڪي خصوصي نمائندي جان ڪيري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو (ايم جي آئي) سمٽ جي موقعي تي وزيراعظم سان هتي ملاقات ڪئي. ??اڪ??تان حڪومت پاران موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي ترجيح بڻائڻ جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ان خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آمريڪي خصوصي نمائندي کي موسمياتي تبديلي جي ڪري ??اڪ??تان ۽ اسرندڙ ملڪن ??ي درپيش چئلينجن بابت پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 10 بلين ٽري سونامي منصوبي سميت ??اڪ??تان جي قدمن ۽ تجربن کي اجاگر ڪيو. ماحولياتي تبديلي ۽ ماحوليات تي ??اڪ??تان ۽ آم??يڪ?? جي وچ ۾ جاري تعاون جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان تازو ئي منعقد ٿيندڙ يو ايس ??اڪ??تان ڪلائميٽ اينڊ انوائرمينٽ ورڪنگ گروپ جي اجلاس تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ماحوليات بابت ??اڪ??تان ۽ آم??يڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي. آم??يڪ?? جي خصوصي ايلچي جان ڪيري چيو ته ??اڪ??تان ۽ آم??يڪ?? جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن جن کي گڏيل هم آهنگي جي شعبن بشمول آبهوا ۽ ماحوليات ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گه??جي. هن موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??اڪ??تان پاران کنيل مختلف قدمن کي ساراهيو. آمريڪي انتظاميا پاران موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي ترجيح بڻائڻ جي حوالي سان جان ڪيري وزيراعظم کي هلندڙ مهيني جي آخر ۾ بائيڊن انتظاميا پاران يو اين ايف سي سي سي ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي 26) ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ کنيل مختلف قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان ۽ آم??يڪ?? کي موسمياتي تبديلي جي اثرن جي خلاف گڏيل طور تي مفيد موقعن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي خيالن، تجربي ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو جاري رکڻ گه??جي. وزيراعظم چيو ته آم??يڪ?? موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ يو ايس انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن (ڊي ايف سي) جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن م اضافي جي امڪانن جو جائزو وٺي ته جيئن ??اڪ??تان ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ موسمياتي تبديلي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سيڙپڪاري ڪري سگهجي. آمريڪي خصوصي نمائندي چيو ته انهن شعبن ۾ تعاون جي وسيع گنجائش موجود آهي ۽ هن متبادل ذريعن سان بجلي جي پيداوار جي منصوبن سميت ٻطرفي تعاون جي موقعن جو جائزو وٺڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڌرين ان سلسلي ۾ تعاون جي موثر فريم ورڪ جي تياري جي لاءِ اڳتي جي قدمن جي تعين جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم ??اڪ??تان ۽ خطي جي لاءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جو قيام ۽ انساني بحران ۽ اقتصادي بدحالي کان بچڻ جي لاءِ عالمي برادري کي عملي طور تي قدم کڻڻ گه??جن. وزيراعظم چيو ته افغان عوام جي ڀلائي جي لاءِ مثبت رابطن ۽ اقتصادي وسيلن ۽ مالياتي اثاثا جاري ڪرڻ جي ضرورت آهي.